بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملي جو ذميوار ايران آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

(اربع 01 جنوري 2020ع) بعداد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ٻاهران احتجاج ۽ مڇريل ماڻهن پاران سفارتخاني ۾ اندر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي ان واقعن جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
صدر ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ان واقعي جي مڪمل ذميواري ايران تي لاڳو ٿئي ٿئي. ان کان اڳ آمريڪا عراق ۾ ايران جي حمايت يافته گروپ جي خلاف ڪارروائي ڪئي هئي ۽ ايران پاران رد عمل ۾ ائين ڪيو ويو آهي. صدر ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ايران هڪ آمريڪي ٺيڪيدار کي قتل ڪيو آهي ۽ ڪيترن کي زخمي ڪيو آهي. اسان هاڻ سخت رد عمل ڏينداسين
هن چيو ته بغداد جي سفارتخاني جي حملي ۾ ايران ملوث آهي ۽ هو ان جو ذميوار آهي. ٽرمپ پنهنجي ٽوئٽ ۾ اهو به چيو ته اسان عراق مان اميد رکون ٿا ته هو سفارتخاني جي حفاظت ڪندو. ياد رهي ته آچر جي صبح کان آمريڪا عراق ۽ شام ۾ اهڙن هنڌن تي هوائي حملا ڪيا هئا جتي مبينه طور تي ڪتائب حزب الله جا ٺڪاڻا موجود هئا.
آمريڪا موجب ان هٿياربند تنظيم کي ايران جي پٺڀرائي حاصل آهي. آمريڪا اهو به چيو آهي ته هو عراق ۾ آمريڪي اڏي تي حملو ڪري ٺيڪيدار کي قتل ڪرڻ جو بدلو به وٺندو. آمريڪا چيو آهي ته هوائي ڪارروائي ۾ ڪتائب حزب الله جا 25 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن.